Wy/sd/وڪي سفرنامو:نئون مضمون

< Wy‎ | sd
Wy > sd > وڪي سفرنامو:نئون مضمون

ڪيترائي ڀيرا توهان کي وڪي سفرنامو ۾ نوان مقالا (مضمون ، يا آرٽيڪل) لکڻا هوند ا آهن مثلاً ڪنهن شهر يا مُلڪ جي متعلق۔ ته هي صفحو توهان جي مدد (رهنمائي) ڪندو۔

ڇا مونکي مقالو (مضون) لکڻ گُهرجي؟ edit

جي بلڪل اسان توهان کي وڪي سفرنامو ۾ ڀليڪار چئون ٿا، توهان هِتي پنهنجي معلومات کي ماڻهن تائين باآساني پهچائي سگهو ٿا، پرهڪ نئون مقالو (مضمون) لکڻ کان پهرئين هن ڳالهه کي يقيني بڻايو ته ڪٿي ان موضوع تي پهرئين ته ڪٿي مقالو (مضمون) ناهي لِکيو ويو آهي۔ جيڪڏهن لکيو ويو آهي ته ان کي سنوارڻ ۾ اسانجي مدد ڪريو ۽ جيڪڏنهن ناهي ته پوءِ اهو نئون مقالو يا مضمون صفحو بڻايو (لِکو)۔

نئون صفحو ڪيئن شروع ڪيو وڃي؟ edit

نئون مقالو يا مضمون لکڻ انتهائي آسان آهي، بس هيٺ ڏني ويل باڪس ۾ اهو نالو لکو جنهن تي توهان مقالو يا مضمون لکڻ چاهيو ٿا ۽ تخليق ڪريو جي بٽڻ تي طِق (ڪِلڪ) ڪريو. پر ياد رکو ته هن باڪس ۾ wy/sd/ جي لفظ نه مِٽايو پر ان لفظ جي اڳيان پنهنجو گُهربل موضوع نالو لکو۔

نئون سفرنامو تخليق ڪرڻ جي لاءِ هيٺ ڏنل بٽڻ تي ٺِڙِڪ (ڪِلڪ) ڪريو!

ڪجه نه ڪُجه، نہ هُئڻ کان بهتر آهي edit

اڪثر جڏنهن ماڻهو مقالا لکندا آهن ته هو لکڻ ڇڏي ڏيندا آهن ، ڇاڪاڻ ته اُهي سمجهندا آهن ته کين وٽ وڌيڪ معلومات ناهي ۔پر ائين هر گز نه ڪريوم جيڪڏنهن توهان وٽ صرف هڪ سِٽَ معلومات به هُجي ته اها لکو ۽ شرمايو نه۔ هڪ ٻه جملا پڻ توهان ڪنهن جڳهه جي متعلق ڄاڻندا هوندا ته لکو۔ اسانکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي ته اسانجا ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ لاءِ خدمت ۾ اسانجي مدد ڪري اسانجو هَٿُ ونڊائي رهيا آهن ۔

هڪ مقالو (مضمون) ۾ ڇا ڇا هُئڻ گُهرجَن edit

هڪ مقالو توهان ٻن جملن جو پڻ لکي سگهو ٿا (ٿيون) ، پر جيڪڏنهن هيٺ درج لائينون (ليڪون) پڻ شامل ہجن ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ۔ ڀلي توهان کي کائڻ پيئڻ، رهڻ سہڻ جو پتو نه به هُجي ته اهڙو متن ٻيو خالي ڇڏي ڏيو ڪوئي ٻيو اهو پورو ڪري وٺندو، پر توهان صرف خالي heading ڏيو۔ ۽ ان سان گڏ جيڪڏنهن توهان زمرو (category) پڻ ايڊ ڪريو (وجهو) ته اڃا به بهتر ٿيندو۔ پر جيڪڏنهن توهان هي سڀ شيون نه به لکنڻ چاهيو ته ڪائي ڳالهه ناهي، هي سڀ اسان ائين هڪ مشوري جي طور تي ٻڌايو آهي۔

وڪي العام جو استعمال edit

وڪي العام (وڪي ڪامنز) (Wikimedia Common) هڪ وڪيميڊيا شاخ آهي جتي تصويرون ۽ بيشمار نقشا موجود آهن ۔ توهين سنڌي سفرنامي ۾ انهن جي مدد سان وڌيڪ مقالا بهتر بڻائي سگهو ٿا۔ وڪي العام (وڪي ڪامنز) جي تمام ڊيٽا توهان وڪي سفرنامي تي بلاخوف استعمال ڪريو۔